حيدرآباد: بار ڪائونسل جون چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف اميدوارن پاران احتجاج جو اعلان

سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون  اوچتو ملتوي ٿيڻ خلاف حيدرآباد ۾ اميدوار وڪيلن پاران ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، ڊسٽرڪٽ بار جي هال ۾ گڏيل هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ٽن ڏينهن لاءِ ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي وزيراعلي هائوس جي گهيراء جو چتاء ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو. ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري. حڪيم چانڊيو. ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن 5 سالن کانپوءِ ٿيندي آهي جيڪا هڪ سازش تحت اوچتو ملتوي ڪئي وئي  آهي. هنن اعلان ڪيو ته وڪيل برادري طرفان هر صورت ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.