ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۾ ڪامورن جو دورو، ترقياتي ڪمن جو جائزو

کوکراپار(ن ع آ ) ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي گھنور علي لغاري جي هدايتن تي مختيارڪار سب ڊويزن مراد ميمڻ خالد حسين لنڊ جو يوسي سيڪريٽري جليل هارون ميمڻ سان گڏ ميمڻ ڳوٺ جي مهيشوري پاڙي، رحماني پاڙي ،عبدالڪريم پاڙي سميت مختلف جڳهين تي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ هلندڙ ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، مختيارڪار مراد ميمڻ خالد حسين لنڊ جو چوڻ هو ته ايڊمنسٽريٽر ضلعي ڪائونسل ڪراچي گھنور علي لغاري جي هدايتن تي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ بنيادي مسئلن سيوريج ۽ پاڻي جي منصوبن تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ جتي به فوري ڪم جي ضرورت آهي اتي ڪم ڪرڻ جو هدايتون جاري ڪيون ويون آهن،جيٽ گهٽ هئڻ سبب مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن جلد وڏي پئماني تي ترقياتي ڪمن جو آغاز ڪيو ويندو هن چيو ته غير معياري ڪم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، معياري ڪم نه ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي علائقي واسي غير معياري ڪم جي حوالي سان آگاهي ڏين فوري ڪارروائي جي يقين ڏياريون ٿا.

اڳوڻو اليڪشن ڪمشنر چيئرمين احمد علي هاليپوٽو لاڏاڻو ڪري ويو

ٽنڊو غلام علي (ن.ع.آ).آڳوڻي وزير اعلي ا سنڌ عبدالقادر هاليپوٽو جو ڀاء اڳوڻو اليڪشن ڪمشنر.چيئرمين اليڪشن آٿارٽي. ميمبر لوڪل باڊي احمد علي هاليپوٽو 72 ورهين جي ڄمار ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم جي مڙھ کي آلين آکين سان  ٽنڊو فضل ڀرسان آباڻي ڳوٺ جيئندو هاليپوٽو ۾ جنازي نماز جي ادائيگي بعد آباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.سندس جنازي ۾ هاليپوٽا برادري سميت  مختلف سياسي.سماجي۽مذھبي شخصيتن کان علاوه زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکندڙن جي وڏي آنگ شرڪت ڪئي. مرحوم احمد علي هاليپوٽو جي وفات تي سندس فرزندن ۾ شامل ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو ڊين فيڪيلٽي  آف مئنيجمنٽ سنڌ مدرسة اسلام  يونيورسٽي ڪراچي. شعيب شجاع ھاليپوٽو ايڪسائيز انسپيڪٽر ۽ زبير ھاليپوٽو سان ڳوٺ جيئند هاليپوٽو۾ تعزيت جو سلسلو جاري آھي. تعزيت ڪندڙن ۾ ٻين کان علاوه پ پ ايم اين اي  طارق شاھ ڄاموٽ  اڳوڻو ايم پي اي ۽ھاڻوڪار صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ. پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ .آڳوڻوچيئرمين ضلع ڪائونسل بدر ميمڻ.جسٽس اشرف لغاري.جسٽس صادق لغاري. سينيئر سول جج عبدالرزاق چيئرمين ايجيوڪيشن آٿارٽي سونو خان بلوچ.عادل اصغر هاليپوٽو(ڪپري موري).ڊاڪٽر شھزاد ميمڻ.ذوالفقار لغاري ۽صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ شامل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.