پوليس اهلڪار جي شادي ۾ هوائي فائرنگ سبب ٻارڙي فوت، 3 عورتون زخمي

 

قصور(ويب ڊيسڪ) پوليس ڪانسٽيبل جي شادي ۾ هوائي فائرنگ سبب 10 سالن جو ٻارڙو فوت ۽ 3 عورتون زخمي ٿي پيون.

پهول نگر جي ٻهراڙي واري ڳوٺ تارا ڳڙهه ۾ پوليس ڪانسٽيبل حسنين جي شادي جي تقريب ۾ 8 کان 10 ماڻهن جي هوائي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ شادي ۾ شريڪ 10 سالن جي آمنه گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي.

شادي ۾ هوائي فائرنگ ۾ 3 عورتون سخت زخمي ٿي پيون جن کي جناح اسپتال لاهور منتقل ڪيو ويو.

پوليس ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جنهن ۾ گهوٽ جو ڀاءُ حسن ۽ ڪزن ذوالفقار شامل آهي جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ٻئي پاسي آءِ جي پنجام انعام غني واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او شيخوپوره کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.