غريبن لاءِ سٺي خبر، ڪورونا جي سستي ترين ويڪسين تيار

دنيا ۾ جتي ڪورونا جي ٻي لهر دوران ڪيسن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي پئي وڃي، اتي ئي وري ويڪسين جي حوالي سان ڪجهه سٺيون خبرون به ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آهن.

آمريڪي ڪمپني فائرز ۽ ماڊرنا کانپوءِ هاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان به ڪورونا وائرس جي ويڪسين تيار ڪري وئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب آڪسفورڊ يونيورسٽي جي تيار ڪيل ويڪسين تمام سستي هوندي، جڏهن ته ان کي اسٽور ڪرڻ به آسان هوندو ۽ اها ويڪسين ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۾ 70 سيڪڙو اثرائتي ثابت ٿيندي.

آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان اها ويڪسين رڳو 20 مهينن ۾ تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عام طور تي ان جي تياري ۾ 10 سال لڳندا آهن، ان ويڪسين جي آزمائش برطانيا ۽ برازيل ۾ 20 هزار ماڻهن تي ڪئي وئي.

ان ويڪسين جون خوراڪون مڪمل ڪرڻ تي اها 90 سيڪڙو اثرائتي ثابت ٿي آهي، جڏهن ته برطانوي حڪومت 100 ملين خوراڪن جو آرڊر ڏنو آهي، جيڪي 50 ملين ماڻهن لاءِ کوڙ هونديون.

ويڪسين جي حوالي سان برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جو چوڻ آهي ته ويڪسين جي تياري دوران نتيجا متاثر ڪندڙ آهن پر ويڪسين جي اڃا وڌيڪ سيفٽي چيڪ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.