لکي ۾جوا جي اڏي تي ڇاپو، 5 جواري گرفتار

لکي غلام شاھه (ت ر)لکي غلام شاھ پوليس جي ڪارروائي جوا جي اڏي تي ڇاپو 5 جواري کي تاس جي پٽن سميت گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،شخصي ضمانت تي پئسن جي ڏيتي ليتي بعد  آزاد(رپورٽ موجب) لکي غلام شاھ پوليس جي ايس ايڇ او محمد صالع سولنگي منشي عمران ڀيو جي اڳواڻي ۾ جوا جي ٽڪري تي ڇاپو هڻي جوا کيڏندڙ پنج 5 ڄڻن ذوالفقار ميراڻي. گلزار جوڻيجو. خالد ميراڻي. نصير جوڻيجو. سلطان ڀٽو کي تاس جي پتن ۽ روڪ رقم سميت گرفتار ڪري لکي ٿاڻي تي لاڪب ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،گرفتار ٿيلن کي شخصي ضمانت ٿيڻ بعد پيسئن جي ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.