شادي لارج ڀرسان عورت کنڀڻ جي ڪوشش، 2 ڄڻا لاڪ اپ

شادي لارج (ن ع آ)شادي لارج شهر مان بدين جي رهواسڻ هڪ عورت نازيه درس وچ شهر ۾ دانهون ڪندي چيو ته مونکي اغوا ڪيو  پيو وڃي بچايو وڃي جنهن تي شهري گڏ ٿي ويا جنهن بعد عورت مسمات نازيه شهرين ۽ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهجو مڙس ارباب ڪهري ۽ منهنجا ڏير اڪبر ۽ اسلم ڪهيري مونکي تشدد ڪري نشي جي پئسن لاءِ غلط ڪم ڪرڻ جو چون ٿا جنهن جي ڪري بيزار ٿي وئي آهيان ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ گهران نڪري پنهنجي ماء سان گڏ رهان پئي هن چيو ته آئون پني ٻچن جو پيٽ پاليندي آهيان نشي لاءِ ڪٿان پئسا آڻيان عورت وڌيڪ چيو ته مونکي طلاق ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي آئون پنهنجي ماءُ سان گڏ رهڻ چاهيان جڏهن ته مونکي منهنجا ڏير اڪبر ۽ اسلم اغوا ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته پويان آيل سندس ڏيرن اسلم ۽ اڪبر ڪهيري چيو ته مذڪوره عورت اسان جي ڀاڄائي آهي جيڪا ٽي ڏينهن اڳ گهران ڪاوڙجي نڪتي آهي ڳولا بعد اڄ نظر آئي آهي اسان کيس گهر وٺڻ آيا آهيون ان قسم جي ڪا به ڳالهھ نه آهي جنهن بعد اطلاع ملڻ تي کوسڪي پوليس عورت ۽ سندس ڏيرن کي ٿاڻي تي کڻي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.