ميھڙ: چانڊيا برادري جو سولنگي برادري تي اجايا الزام لڳائي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو الزام

ميھڙ لڳ ڳوٺ ڪريم بخش چانڊيو جي رھواسين محمد حنيف چانڊيو ، اسد الله چانڊيو ، امداد علي چانڊيو ، سالار خان چانڊيو ، منٺار علي چانڊيو ، ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ڳوٺ امير بخش سولنگي لڳ ڇنڊڻ ۾ انهن جون زمينون آھن ۽ هو خانداني زميندار آھن، ڪن ماڻھن جي چرچ تي ڳوٺ امير بخش سولنگي جي رھواسين انهن مٿان پنھنجي نياڻي حبل زال اربيلو سولنگي سان زيادتي جو ڪوڙو الزام لڳايو آھي،  هنن جو ان سان ڪو به تعلق نه آھي،  انھن چيو ته هو  سندن زمين تي قبضو ڪرڻ لا۽ مختلف طريقن سان ڊراما رچائي انهن کي ڦاسائڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن ، ھنن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ  جي حيدرآباد ، ايس ايس پي دادو ، ڊي ايس پي ميھڙ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته انهن مٿان لڳايل ڪوڙن الزامن جي جاچ ڪرائي انهن کي انصاف ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.