ڪنڌڪوٽ: سنڌ ملاح فورم طرفان ماھيگيرن جي عالمي ڏھاڙي تي ريلي

ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ملاح فورم طرفان ماھيگيرن جي عالمي ڏھاڙي  جي موقعي تي جھولي لعل چوڪ کان ڊي سي آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي ،  ملاح برادري طرفان سردار نصير احمد ميراڻي ـ آفتاب ميراڻي ـ بشيرميراڻي ـ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جون ڍنڍون ، ٻيٽ ملاحن جي روزگار جو قدرتي وسيلو آهن جن مٿان ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين ـ  ھنن  مطالبو ڪيو ته ملاحن جا حق تسليم ڪري کين فوري طور تي حق ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي رستو اختيار ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.