سنڌ حڪومت جو تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلو، سياري جون موڪلون به نه ٿينديون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي صوبي ۾ تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجي، سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ سيد باقر نقوي، تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن ۽ نجي اسڪولز ايسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ اين سي او سي جي فيصلن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته سياري جي موڪلن جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ تعليمي ادارا  بند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته جيڪي تعليمي ادارا آن لائن ايجوڪيشن ڏانهن وڃڻ چاهين ته وڃي سگهن ٿا.

سعيد غني موجب اجلاس جو مقصد اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ڪري سنڌ جو موقف طئي ڪرڻ هو، چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ تعليم بابت اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت سان فيصلا ڪيا وڃن.

هن چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ سياري جون موڪلون به نه ٿينديون ۽ تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته وفاق سياري جون موڪلون 25 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين ڪرڻ جو چئي رهيو آهي، اجلاس ۾ اين سي او سي جي تجويزن تي به مشاورت ڪئي وئي.

سعيد غني چيو ته وفاق جو موقف آهي 25 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين ٻارن کي اسڪول بدران گهرن ۾ تعليم ڏني وڃي، وفاق جو چوڻ آهي ته والدين اسڪول وڃي استادن کان هفتي وار هوم ورڪ وٺن.

صوبائي وزير چيو ته ڪميٽي جي فيصلن بابت اين سي او سي کي آگاهه ڪيو ويندو، پوءِ اين سي او سي اجلاس ۾ جيڪو به فيصلو ٿيندو، ان کي وڏي وزير ۽ صحت کاتي جي مشاورت سان حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.