سلطان ڪوٽ ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) همايون شريف لڳ ڳوٺ گولو واهه جو رهواسي 40 ورهين جو شخص گلزار پٽ محب علي سنجراڻي ڪُترِ جي مشين  مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، وارث کيس بيهوشي واري حالت ۾ همراهه کي همايون شريف جي خانگي اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏي، جنهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق همايون شريف جي خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.