گهاري ۾ هارياڻي سان زميندار جي مبينا زيادتي ڪوشش، احتجاج

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) گهارو جي ديھ کِيراڻي جي رهواسڻ هارياڻي (ز) ماڇِي پنهنجي مُڙس عَلو ماڇِي ۽ ٻين ڳوٺاڻن سان گڏ مڪلي پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته بااثر زميندار ملڪ امتياز پنجابي  ڪُجھ ڏينهن اڳ سندس گهر ۾ زوري داخل ٿي ساڻس زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، گهروارن جي پهچڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏيندو فرار ٿي ويو ۽ هاڻي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود بااثر زميندار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.  متاثره عورت مسمات زينب ماڇِي ۽ سندس مُڙس عَلُو ماڇي دانهيندي چيو ته گهارو پوليس بااثر زميندار ملڪ امتياز پنجابِي کان پئسا وٺي کيس گرفتار نٿي ڪري ۽ مذڪوره زميندار کين هارپي جو حساب ڏيڻ بدران زوري بيدخل ڪرڻ ۽ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. هنن آءِ جِي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد بااثر زميندار ملڪ امتياز پنجابِي کي فوري طور گرفتاري ڪري کين تحفظ ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.