سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان نيون ڪورونا ايس او پيز جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي اڏامن ۽ مسافرن لاءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي ڪورونا ايس او پيز واضح ڪري ڇڏيون.

سي ڪيٽيگري ۾ شامل ملڪن کان پاڪستان ايندڙ مسافرن جون ٻه ڪورونا ٽيسٽون ٿينديون، ڪيٽيگري بي ملڪن جي مسافرن کي پاڪستان اچڻ کان 96 ڪلاڪ اڳ ٽيسٽ ڪرائڻ لازمي هوندو، ڪيٽيگري اي ملڪن جي مسافرن سميت 12 سالن کان گهٽ عمر جا عمر، خاص ماڻهو ۽ خاص وفد ڪورونا وائرس ٽيسٽ کان آجا هوندا.

پاڪستان ايندڙ جهاز ۾ جراثيم ڪش اسپري ڪرڻ لازم هوندي، جهاز ۾ احتياطي تدبيرن جي تحت هڪ سيٽ ڇڏڻي پوندي، اڏام دوران عملي ۽ مسافرن کي ماسڪ پائڻو پوندو.

سول ايوي ايشن اٿارٽي ڪووڊ 19 جي ڪري عالمي مسافرن جي خانگي جهازن جي ذريعي سفر ڪرڻ لاءِ اڏامون چارٽر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اِهي اڏامون اڄ کان 31 ڊسمبر تائين هلائي سگهبيون، ان سلسلي ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ڪورونا ايس او پيز جي تحت 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار، معذور ماڻهو ۽ اعليٰ سطح جا عالمي وفد ان مان آجا هوندا. ان کان سواءِ پاڪستان جي لاءِ سفر ڪندڙ مسافر، جهاز ۽ ڪريو ميمبر هيلٿ ڊيڪلريشن فارم ڀرڻ ۽ عالمي ڪورونا وائرس جي حوالي سان ايس او پيز جا پابند هوندا.

سول ايوي ايشن اٿارٽي جي نئين ايس او پيز تحت جهازن ۾ سفر ڪندڙ سورن مسافرن کي دستاويز لاڳاپيل ايئرپورٽ تان ٽيڪ آف ڪرڻ کان اڳ اٿارٽي کي ڏيڻا پوندا. جهاز ۾ موجود سمورن مسافرن وٽ اين 95 ماسڪ جو هئڻ ضروري آهي جيڪو اڏام دوران لازمي پائڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.