ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ 15 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي ) ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ 15 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي بابت وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ 6 نڪتن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.

اي سي سي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ 15 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي تحت پهرين مرحلي ۾ هيلٿ ورڪرز ۽ 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ ڪورونا ويڪسين خريدي ويندي.

اجلاس ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن ۾ گهٽتائي وارو پراسس شروع ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنيڪل سپلمنٽري گرانٽ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان کان سواءِ جي 20 ملڪن کي قرضن جي ادائيگي ۾ واڌ جي سمري به منظور ڪئي وئي آهي.

اي سي سي طرفان پاڪستان ۾ ٽي وي اي ٽي سيڪٽر ڊيولپمنٽ جي لاءِ وزير اعظم پيڪيج جي تحت 50 ڪروڙ رپين جي ٽيڪنيڪل گرانٽ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ لاءِ 68 ڪروڙ 33 لک رپين جي ٽيڪنيڪي ننڍي گرانٽ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.