سکر جي پير مراد شاهه قبرستان مٿان ٻيهر قبضا شروع

سکر(رپورٽر)سکر جي قديمي قبرستان پير مراد شاهه مٿان عدالتي حڪم تحت قبضا ختم ٿيڻ جي ڪجھ عرصي بعد ٻيهر قبضا مافيا پاران قبضن ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ بااثر قبضا مافيا پاران مختلف هنڌن کان قبرستان قبرن مٿان مٽي ۽ ڀٿرن جو ڀراءُ ٿيل آهي، قبضن ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته سکر جي ميونسپل توڙي ضلعي انتظاميه قبضا مافيا خلاف ڪوبه قدم کڻي نه سگهي آهي، جنهن سبب قديمي قبرستان ۾ ٺهيل قبرن جي بي حرمتي ۽ قبضن جو سلسلو جاري آهي، علائقي واسين ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي قبضامافيا خلاف ڪاروائي ڪري پيرمراد شاهه قبرستان کي بچائي چوديواريون قائم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.