ڊرگهه بالا جا روڊ تباهه، مرمت نه ٿي، حادثا روز جو معمول

ڊرگھه بالا ( ن ع آ )  ڊرگھه بالا جو روڊ چار مھينا اڳ آيل ٻوڏ ۾ تباھ ٿيل روڊ جو مرميتي ڪم  نه ٿيو. روڊ تباھ ھجڻ سبب حادثا معمول بڻجي ويا، ھڪ مھيني  موٽر سائيڪل ۽ وليز جيپون ڪرڻ سبب  30 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي  اسپتال ڀيڙا ٿي ويا، جنھن ۾ مصري ٻٻر. نديم ٻٻر. اسحاق لغاري. شمن جمالي. اصغر ڏاھري. وزير ٻٻر زخمين ۾ شامل، ڊگھه بالا جي سياسي سماجي ڳوٺاڻن سڄاڻ ڌرين پي ٽي اڳواڻ سردار امداد خان لغاري غلام قادر لغاري، وزيرعلي لغاري، راشد حسين کچي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل ٻوڏ ۽ طوفاني  برساتن  ۾ تباھ ٿيل روڊ   مڪمل ٿي نه سگهيو آهي، اچڻ وڃڻ تي جاني مالي نقصان پيش اچي ٿو ڪيتريون انمول جانيون ضايع ٿي ويون آھن ۽ ڪروڙن روپين جو مالي نقصان رسيو آھي ايم اين اي دادو ,ايم پي اي جوهي صالح شاھ ,ايڊوائيزر ڊاڪٽر بنده علي لغاري صاحب جي ڪن ۾ جوئن به نٿي چري،هتي عوام سورن ۽ تڪليفن ۾ زندگي گذاري رهي آھي، سڀ ته سهولتون کائي ويا آھن، پر رستو نه ٺھرائي سگهيان آھن، جنهن لاءِ الله سائين فرمايو آھي ته رستو ڏيڻ صدقو جاريه آھي پر انهن ڪرپٽ سياستدانن کي صدقي جي ڪهڙي خبر انهن جو مطلب صرف ڪرپشن ڪري پيسو گڏ ڪرڻ آھي، چيف جسٽس ۽ وڏو وزير نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.