مشال جي قاتل جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ مشال قتل ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي مرڪزي جوابدار عمران جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

عدالت 25 جوابدارن جي ضمانت تي آزادي جو فيصلو به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ سمورن 25 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پشاور هاءِ ڪورٽ 7 جوابدارن جي عمر قيد جي سزا کي بحال رکيو آهي.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس لعل جان خٽڪ ۽ جسٽس عتيق شاهه 30 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، ڏوهارين پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي فيصلي خلاف اپيلون ڪيون هيون.

عدالت ڄاڻايل 25 جوابدارن جي 3 سال جي سزا به برقرار رکي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.