ڄام صاحب: بيدرديءَ سان قتل ڪيل نرما رند جي خون سان انصاف لاءِ ريلي

ڄام صاحب ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ بيدرديءَ سان قتل ڪيل نرما رند جي جي خون سان انصاف لاءِ هيومن رائيٽس  جي تنظيم هوپ پاران درگاھ سخي ڄام ڏاتار کان پريس ڪلب ڄام صاحب تائين ريلي ڪڍي  وئي ، ھوپ جي چيئرمين مير اخلاق حسين ٽالپور، اسد رسول خاصخيلي ، وهاب ساسولي ۽ شهر جي سماجي ڪارڪن نظير سنڌي ڏاهري آصف شر ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته باھ ڏئي ساڙي بيدرديءَ سان قتل ڪيل نرما رند واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، پوليس پاران جاري ڪيل بيان ۽ جوابدار  پاران ڪيل اعتراف  انسيايت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو آهي،هنن چيو مقتول نرما رند واري واقعي جي اعليٰ سطح جي  جانچ ڪرائي واقعي ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي پڻ شامل ڪيو وڃي ۽ مقتول جي قاتلن کي جلد ڦاهي تي چاڙهيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.