مٺي ۽ ننگرپارڪر ۾ مڪاني کاتي جي ملازمن جو احتجاج

مٺي (بيورو) مٺي ۽ ننگرپارڪر ۾ مڪاني کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتاءُ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا،مــيونسپل  ڪـــميــٽي مـــٺي جــي مــلازمن جــو ڪشميـر چــوڪ تي احـتــجاجي ڌرڻـو هڻي سخت نعريبازي ڪئي،مــلازمن جــو چــوڻ ھـو ته اسـان کي ٻن مھينن کان مسلسل پگھار نـه ڏنا ويا آھن اسـان جي ھندو ڀائرن کـــي ديوالي جي پگھار کان محروم ڪيو ويو،اسان ويــاج تي پئســـا کـــڻي ديوالي ڪئي سين ملازمن جو اھـو بـه چوڻ ھــو تـه مسلسل 15 سالن کان اسان ميونـــسپل ڪميٽي ۾ ڪانٽريڪٽ بيسس تي  ڪم ڪري رھيا آھيون،جيڪو CM سنڌ ارباب غلام رحيم جي دور ۾ جيڪي ڪانٽريڪٽ ملازم ڀرتي ڪيا ويا ھئا،ان کان پوءِ جيڪي 2012 ۾ ڀرتي ڪيا ويا اھي ڊاريڪٽ پڪا ملازم ڀرتي ٿي وياآھن.  آپڪا وارن اھو مطالبو ڪيو تـه اسان جا پگھار ٽريزري ٿرو ڪيا وڃن. ننگرپارڪر ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جو ﷲ رکيو کوسو، ابراهيم ڪنڀار، دريوڌن،  ڪشور جي اڳواڻي ۾  ٽائون ڪاميٽي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي دانھيندي ٽائون ملازمن جو چوڻ ھو تہ سنڌ ۾ ملازمن جون پگھارون ٽريزري ذريعي ڏنيو وڃن ٿيون، مگر اسان ٽائون ملازمن جون پگھارون ٽريزري ذريعي آن لائين نٿيون ڏنيون وڃن جيڪا اسان سان سراسر نانصافي آھي، اسانجو مطالبو آھي تہ اسانجي پگھارون ۽ پينشن ٽريزري ذريعي آن لائين ڪري ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.