خيرپور ڀرسان پراسرار طور فوت ٿي ويل اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي جنازي نماز ادا

خيرپور ڀرسان  گذريل رات فوت ٿي ويل اي ايس آئي بلاول وساڻ جي جنازي نماز ڳوٺ نواب خان وساڻ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ، وزير اعلي سنڌ جي خصوصي مددگار نواب وساڻ ،ايم پي اي منور وساڻ ،شهريار وساڻ ۽ ايس ايس پي خيرپور سميت علائقي جي سياسي سماجي شخصيتن ۽ شهرين  وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد مرحوم کي اباڻي قبرستان. ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،جنازي نماز بعد ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪ آهي اي ايس آئي کي قتل ڪيو ويو آهي، شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ٻيا ماڻهو به ملوث هجن جڏهن ته جاچ ڪري رهيا آهيو ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿيندي جلد رپورٽ اچي ويندي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.