ميهڙ لڳ مقابلو، فائرنگ، سلطان جانوري زخمي حالت ۾ گرفتار

ميهڙ ( ن ع آ ) ميهڙ انڊس هاءِ وي ٻنڊو موري ڀرسان پوليس کي 12 ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري سلطان جانوري کي پوليس پاران  مقابلي ڪرڻ بعد پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ميهڙ رسول بخش پنهور ٻڌايو ته سلطان جانوري عادي ڏوهاري آھي جنهن مٿان ميهڙ ٿاڻي تي 12 ڪيس داخل آھن ۽ رات دير سان پوليس انڊس هاءِ وي تي گشت ڪري رهي هئي ته ٻنڊو موري ڀرسان  2 موٽر سائيڪل تي سوار 4 جوابدارن پاران پوليس موبائيل کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن بعد پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو پوليس موجب زخمي ٿيل ڏوهاري سلطان جانوري پنهنجن ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو جڏھن ته سندس جا 3 ساٿي فرار ٿي ويا آھن.  هوڏانهن ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته پوليس پاران 3 ڏينهن اڳ سلطان جانوري کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو هو جنهن کي رات دير سان کيس ٽنگن ۾ گوليون هڻي هاف فراءِ ڪيو ويو جڏھن ته زخمي ڏوهاري سلطان جانوري کي تعلقا اسپتال ميهڙ مان طبي امداد ڏيئي فوري طور تي لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن موجب زخمي ڏوهاري سلطان جانوري جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.