ننگر پارڪر ۾ 4 ڪکاون گهرن کي باهه، عورت سڙي زخمي

مٺي(بيوروچيف)ننگرپارڪر جي ڳوٺ راٺي لڳ حاجي احمد سمون ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب چئن ڀائرن محمد يوسف،عاقل،اسحاق ۽  قيوم ولد جمعون سمون جا ڪکاوان گھر سڙي راک ٿي ويا،باھ سبب 60 سالن جي معذور پوڙھي مراد خاتون پڻ سڙي زخمي ٿي پئي،باھ سبب ٻڪرين جا 4 ڦر پڻ سڙي ڪوئلو ٿي ويا،باھ سبب غريب ڳوٺاڻن جو سڀ ڪجھه سڙي ختم ٿي ويو ڪابه شئي نه  بچي سگھي آهي،ڳوٺاڻا کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن،جن واهر جي اپيل ڪئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.