ڪورونا جي ٻي لهر کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي: صدرعلوي

لاهور(بيورو)صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز جي ڏس ۾ عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو آهي ته ان وبا کان بچاءُ جي لاءِ  ضابطي ڪار تي عملدرآمد يقيني بڻائي، اولهه  جي ملڪن کي ناموس رسالت صه جي معاملي تي پنهنجي جذبن کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي ٻي لهر تيزي سان جاري آهي، عوام ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائي ۽ سماجي فاصلو رکي، ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد پاڻ ۽ پنهنجي رشتيدارن جي ڀلائي ۾ آهي. هن چيو ته اسان کي ڪورونا جي پهرين لهر دوران ڊسپلين جو مظاهرو ڪيو ته ڪورونا جي خلاف جنگ ڪافي حد تائين کٽي ورتي جنهن کانپوءِ اسان احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ۾ سستي جو مظاهرو  شروع ڪري ڇڏيو، هاڻي ٻيهر ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي اچي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.