نرما رند ڪارنهن الزام هيٺ قتل جو شڪ، پيءُ ۽ ڀاءُ گرفتار

ڄام صاحب / نوابشاهه  ( ن ع آ+ ڊ ر  ) ڄام صاحب ڀرسان قتل ڪيل  ناري نرما جو قتل ڪيس سرڪار جي فرياد تي اڻڄاتل  ماڻهن خلاف داخل ڪرڻ بعد پوليس  ناري جي پيءُ ۽ ڀائرن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو،  ناري کي  ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.ڄام صاحب ڀرسان3 ڏينھن اڳ ڳوٺ مير حسن رند ۾  باھ ڏئي ساڙي ماريل 14 ورهين  جي نينگري نرما ڌي مختيار احمد رند جي قتل جو ڪيس ڄام صاحب ٿاڻي تي ايس ايڇ او آصف علي پيچوهو جي فرياد تي اڻڄاتل  جوابدارن خلاف  داخل ڪيو ويو آھي.هوڏانهن  ڊي ايس پي صدر پنھنجي ٽيم سان گڏ ڳوٺ ميرحسن رند پهچي واقعي واري هنڌ جو  جائزو ورتو،پوليس جاچ  ۾ مقتولا ناري جي والد مختيار رند سميت ناري جي ڀائرن ۽ سئوٽن اختيار ،  افتخار،  سجاد،  الطاف ۽  ممتاز رند کي به جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي،ٻئي پاسي ناري جي چاچي اعجاز رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اسان جي ڀائٽي جا قاتل گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان کي بلاجواز تنگ ڪري رهي آهي منهنجي ڀاءُ سميت ڀائيٽن کي پوليس ڪالهه رات کان کڻي وئي آهي. نرما رند جي قتل ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آھي،  جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته باھه ڏيڻ سبب جسم جي چمڙي، ساڄو ۽ کاٻو ڪن، سڄو نڪ، سامھون ۽ پٺيان ٻئي ٻانھون ٻئي ھٿ سڙي ويا آهن جنھن جي ڪري موت ٿيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.