راونتي پوليس هٿان گرفتار نوجوان مبينا رشوت نه ڏيڻ سبب هاف فراءِ، احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ڏهرڪي پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل مرتضيٰ ميراڻي جي وارثن ڏهرڪي پوليس خلاف ميرپورماٿيلو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.  احتجاج ڪندڙ عورتون، مردن ۽ معصوم ٻارڙن مسمات زھران، مسمات شاھدان، راشد ميراڻي ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته رونتي پوليس ھڪ ھفتو اڳ مرتضيٰ ميراڻي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنھن بعد ڏهرڪي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي هاف فرائي ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته پوليس مرتضيٰ ميراڻي جي آزادي لاء اسان کان 2 لک رپيا رشوت پڻ گهر هئي، جيڪي نه ڏيڻ تي نوجوان مٿان گوليو وسايون ويون آهن. کي ڄنگهھ ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته نوجوان جا ننڍڙا ٻار آهن ڪمائڻ وارو ٻيو ڪير به ناهي اسين غريب آهيون پوليس ناحق اسان جي نوجوان کي زخمي ڪيو آهي ھنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ وس وارن کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.