ڪوٽڙي ۾مندر ۾ڏياري موقعي آتش بازي سبب باهه لڳي وئي

ڪوٽڙي (ت ر  ) ڪوٽڙي ۾ سنڌو درياھ جي ڪنڌيءَ تي قائم تاريخي شو مندر ۾ ڏياري جي خوشيءَ جي موقعي تي ڪيل آتش بازي  سبب باھ لڳي وئي، ڏياري جي خوشي ۾ ٿيل آتشبازي دوران مندر جي گنبذ کي باھ وڪوڙي ڇڏيو جنهن کان پوءِ باھ جا شعلا ڪوٽڙي شهر ۾ پري پري تائين نظر اچي رهيا هئا، مندر جا انتظام هلائندڙن موجب باھ سبب مندر جي ڇت تي رکيل ڪاٺيون ۽ ڪجھ سامان سڙي ويو آهي البته وڏي ڪنهن نقصان کان بچاءُ  ٿي ويو آهي. مندر  باھ لڳڻ جي اطلاع تي ڪوٽڙي جا ڪيئي شهري پهچي ويا ايس ايڇ او ڪوٽڙي به پوليس سميت پهتو البته ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي جي سڏ پنڌ تي واقع آفيس ۾ بيٺل فائربرگيڊ جون گاڏيون وقت سر پهچي نه سگهيون جنهن ڪري شهرين پاڻ باھ وسائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.