مٺي واسي نوجوان گم، وارث پريشان

مٺي(بيورو) مٺي شھر جي ترڪيار ڪالوني جي پرسرار نموني گم ٿي ويل شاگرد ڪندن ولد آنٻارام ميگهواڙ جو 10 ڏينهن گذرڻ  باوجود پتو پئجي نه سگهيو آھي. سندس وارثن ڪافي ڳولا ڪرڻ باوجود پتو نه پوڻ ڪري مٺي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ورتي آھي جڏھن ته شاگرد جا وارث سخت پريشان هجڻ ڪري ڏياري جو ڏڻ پڻ ملهائي نه سگهيا آھن سندن گهر ۾ پريشاني واري صورتحال آھي هوڏانهن مٺي مان پرسرار نموني گم ٿي ويل شاگرد جي پيءُ آنٻارام ميگهواڙ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته  منهنجو پٽ  4 نومبر تي گم ٿي ويو آهي ڪافي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿي به نه مليو آهي اسان پريشان آهيون، ديوالي به نه ڪئي آهي. هن چيو ته پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ مٺي ٿاڻي تي داخل ڪئي آهي پر هٿ نه آيو آهي سندس ڳولا ۾ اسانجي مدد ڪئي وڃي اسان سمورا گهر ڀاتي پٽ جي گم ٿيڻ سبب مذهبي تهوار ديوالي به نه ملهائي سگهيا آهن پريشان آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.