جيڪب آباد ۾ بيمار عورت لاءِ رت نه مليو، احتجاج

جيڪب آباد(ڊ ر) جيڪب آباد جمس اسپتال مان بيدخل ڪيل عورت جي سول اسپتال ۾ حالت خراب، جمس ۾ قائم بلڊ بينڪ رت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،  عورت جي امڙ جو جمس ۽ سول اسپتال انتظاميا خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج دانھون جعفرآباد پاڙي جي رھواسڻ عورت حاجران کي وارثن جمس اسپتال ۾ ويم لاءِ داخل ڪرايو ھو جنھن کي جمس اسپتال انتظاميا چار ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي کڻي وڃڻ لاءِ اسپتال مان بيدخل ڪري ڇڏيو، غربت سبب لاڙڪاڻي بدران وارثن عورت کي سول اسپتال کڻي آيا جتي عورت آپريشن ذريعي پٽ کي جنم ڏنو پر دير ٿيڻ سبب ٻار فوت ٿي ويو، جڏهن ته سول اسپتال ۾ عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ داخل ڪيو ويو رت جي گھٽتائي سبب عورت حاجران جي حالت خراب ٿي وئي سول اسپتال انتظاميا عورت جي وارثن کي جمس ۾ قائم بلڊ بينڪ کان رت وٺي اچڻ لاءِ چيو ويو عورت جا وارث جمس پھتا ته انتظاميا رت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو رت نه لڳڻ سبب عورت جي حالت خراب ٿيندي پئي وڃي جنهن سبب وارث سخت پريشاني ۾ وٺجي ويا آهن، سول اسپتال ۾ داخل عورت جي امڙ مسمات وزيران لغاري پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانھيو آهي ته چار ڏينهن اڳ جمس انتظاميا ڌيءَ کي بيدخل ڪري ڇڏيو ھو جنهن جو آپريشن سول اسپتال ۾ ڪرايو ويو پر دير ٿيڻ سبب ٻار فوت ٿي ويو آهي پر ھاڻي رت جي کوٽ سبب ڌيءَ جي حالت خراب ٿي وئي آهي جمس ۾ رت وٺڻ لاءِ وياسين ته واپس موٽايو ويو ھن چيو ته غريب آھيون پئسن تي رت خريد نه ٿا ڪري سگهون، مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.