اوٻاوڙي لڳ جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ همراهه جو نڪ ڪپي ڇڏيو

اوٻاوڙو (ن ع آ ) اوٻاوڙي ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾  روڊ تي ويندڙ ڪشمور جي علائقي ڳوٺ حاجي عبدالرئوف کوسي جي رهواسين کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارانهن جي پراڻي تڪرار تان ٻن جوابدارن احمّد کوسو ۽ ارسلا کوسو  شاه علي کوسو مٿان لٺين جو وسڪارو ڪري ڏنو ۽ تيز ڌار اوزار سان نڪ وڍي ڇڏيو. موقعي موجود مقامي ماڻهن جي اطلاع تي کنڀڙا پوليس پهچي ٻنهي جوابدارن کي موقعي تي گرفتار ڪري ورتو ۽ زخمي شاھ علي کوسو کي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو، جتي کيس فورن طبي امداد ڏيڻ بعد کيس علاج لاء رحيم يار خان  ريفر ڪيو ويو. زخمي ٿيل شاه علي کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اوٻاوڙو پنهنجي مائٽن سان ملڻ آيو هئس ته واپس وڃي رهيو هئس ته کنڀڙا ٿاڻي جي حد پڪا چانڊڪا اسٽاپ وٽ منهنجي برادري جي ماڻهن ارسلا ۽ احمد کوسو مون مٿان حملو ڪري زخمي ڪرڻ بعد سندس نڪ وڍي ڇڏيو آهي مون مٿان ڪوڙو ڪارنهن الزام لڳل آهي مان اعلي حڪام ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪندس ته مونکي تشدد جو نشانو بڻائي منهنجو نڪ وڍي تذليل ڪئي وئي آهي جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.