پورٽ قاسم جي ملازمن کي پلاٽ ڏنا پيا وڃن: ناصر شاهه

ملير ( ڊ ر) پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پورٽ قاسم جي چيئرمين سيد ناصر حسين شاهه تقريب کي خطاب ڪندي  چيو ته پورٽ قاسم اٿارٽي ملڪي ناڻي ۾ روينيو جي مد ۾ 36  ارب رپيا ڏنا آهن، جڏهن ته ايف بي آر کي ٽيڪس جي مد ۾ 6 بلين ڏنا آهن، هن کان علاوه آڪٽوبر ۾ 5 ملين ٽن جا ڪنٽينر  هيڊ لنڪ ٿيا آهن جيڪو پاڪستان لاءِ تاريخي ڪم آهي، چيئرمين سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪرونا سبب لاڪ ڊائون ۽ اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ به پورٽ قاسم تي ڪم جاري رهيو، پورٽ قاسم جون آپريشنل سرگرميون جاري رهيون، هن چيو ته پورٽ قاسم ملازمن لاءِ مختلف ڪيٽيگريز تي پلاٽ ڏنا پيا وڃن، جنهن جي قراندازي وفاقي وزير پنهنجي هٿن سان ڪئي آهي، هن چيو ته پورٽ قاسم اٿارٽي پهريون انڊسٽريل پورٽ آهي، پورٽ قاسم تي 15 ٽرمينل آهن جيڪي ايل اين جي ۽ آئل ڪو هينڊل ڪندا آهن، ان کان علاوه ڪوئلي جي امپورٽ به هتان ٿيندي آهي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پورٽ قاسم انڊسٽريل زون 12 هزار ايڪڙ تي مشتمل آهي، جنهنجو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، واٽر سپلائي، سيوريج ۽ روڊن جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي، هن چيو ته نيس پاڪ جي ذريعي واٽر ٽريٽمنٽ پلاٽ پڻ لڳايا ويا آهن، هن چيو ته پورٽ قاسم اٿارٽي ملازمن کي بهتر رهائشي سهولتون ڏيڻ چاهي ٿي، ملازمن لاءِ 265 پلاٽ قراندازي ذريعي ڏنا ويا آهن، ان اسڪيم لاءِ ٻه ملين رکيا ويا آهن، تقريب کي ايف ڊبليو او ميجر عثمان، سچل ڪمپني جي عمران شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ملير گنهور علي لغاري، ايس پي ملير رائو محمد اسلم، تحريڪ انصاف ليبر ونگ ڪراچي جي صدر نعيم عادل شيخ، سي بي اي اڳواڻ نور محمد جلباڻي سميت پورٽ قاسم جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.