سجاول ۾ انقلابي شاعر سرويچ سجاولي جي ورسي تقريب

سجاول(ڊ ر ) عوامي ۽ انقلابي شاعر سرويچ سجاولي جي 13هين ورسي ملهائي وئي، تقريب ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن  ۽ اديب دانشورن جي شرڪت، خبر موجب سجاول ڀرسان سرويچ نگر سجاول ۾ عوامي ۽ انقلابي شاعر سرويچ سجاولي جي 13 هين ورسي ملهائي وئي، ورسي تقريب ۾  پ پ ضلعي سجاول جو صدر محمد علي ملڪاڻي،سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري احمد سولنگي، ايم پي هير سوهو، شاعر رسول بخش تميمي،ستار لوهار ، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ سميت  اديبن شاعرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته انقلابي شاعر سرويچ سجاولي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سرويچ سجاولي شاعري ذريعي سنڌ جي ترجماني وارو ڪردار نڀايو ھن جي شاعري انقلابي ۽ عوامي شاعري ھئي جيڪا اڄ به جھر جھنگ ۾ ڳائي ٻڌائي وڃي ٿي ھن ھر دور جي آمرن کي للڪاريو ۽ سختيون سٺيون ھنن چيو ته سرويچ جھڙا ڪردار صدين ۾ ورلي پيدا ٿين ٿا جڏھن ته ورسي تقريب دوران  محفل موسيقي پڻ ٿي جنهن ۾ سنڌ جا نالي وارا فنڪار احمد مغل ثمينه ڪنول خوشبو لغاري فائيزا علي ۽ ٻين فنڪارن محفل ۾ گيت ڳائي ماڻھن کي جهومائج ڇڏيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.