بدين بينڪ ۾ پورهيت يرغمال، تشدد، پوليس پهتي

بدين ( رپورٽ: رازق ڏنو کوسو ) بدين ۾ آخري خانگي بينڪ پاران آخري قسط نه جمع ڪرائڻ تي پورهيت غلام رسول عرف ٻوڙو خاصخيلي  کي صبح 9 وڳي کان بئنڪ اندر يرغمال ڪري ويھاري ڇڏيو ۽ قسط جمع نه ڪرائڻ تي کيس حراسان ڪري مٿس تشدد پڻ ڪيو ويو آهي، اھڙو اطلاع سندس وارثن بدين پوليس کي ڏنو جنهن تي سٽي انچارج سالم کوسو پھچي بئنڪ عملي ھٿان يرغمال ٿيل پورهيت غلام رسول کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، جڏهن ته سٽي انچارج سالم کوسو  ٻڌايو ته پورھيت جو چوڻ آهي ته ھن کي بئنڪ عملي قسط نه ڏيڻ سبب صبح کان يرغمال بڻائي ويھاري ڇڏيو هو ۽ بئنڪ عملي موجب ته ھو پاڻ بئنڪ آيو آهي کيس يرغمال بڻائڻ واري ڳالهھ غلط آهي، ھر مھيني جي پھرين تاريخ ڏئڻو ھوندو آھي پر ھن وقت مسلسل ڪرونا وائرس جي ڪري گذريل چئن  مهينن کان لاڪ ڊائون جي ڪري پورهيت سخت پريشان آهن ۽ جڏهن ته قرض ڏيندڙ ننڍيون بئنڪون لاڪ ڊائون دوران به بئنڪ کان قرض کڻندڙن جي گهر وڃي کين قسطون جمع ڪرائڻ لاءِ پريشان ڪندا رھندا ھئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.