پي ڊي ايم جو نظريو ملڪ مفاد جي خلاف آهي: شبلي فراز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جو نظريو ايف اي ٽي ايف کان وٺي سياسي ۽ ملڪي مفاد جي خلاف آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شبلي فراز چيو ته جڏهن حڪومت سنڀالي ملڪ جي معيشت خراب هئي. اسان ڏيوالي تي هئاسين، ملڪ تي قرضن جا انبار هئا، وزير اعظم معيشت کي مضبوط ڪيو وزير اعظم دوست ملڪن سان گڏجي ڏيوالي کان بچايو، جيڪڏهن اسان ڊيفالٽ ٿي وڃون ته ملڪ جي ڪرنسي گهڻي حد تائين ڪِري پوندي، اسان پنهنجي برآمدات کي وڌايو، اسان جي ايڪسپورٽ سيڪٽر جي خطي جي ملڪن کان بهتر حالت رهي، اسٽاڪ مارڪيٽ وڌي، هڪ اهڙي حڪمت عملي بڻائي جنهن سان روزگار به پيدا ٿي سگهي. پاڪستان ۾ هن وقت هڪ هائبرڊ وار هلي رهي آهي، ملڪ ۾ نااميدي پکيڙڻ سٺي ڳالهه ناهي.

شبلي فراز چيو ته 2016ع ۾ ڊان ليڪس سان ملڪي عدم استحڪام شروع ٿيو، هي عدم استحڪام 2017ع ۾ جي ٽي روڊ تي مون کي ڇو ڪڍيو جي صورت ۾ نظر آيو، اياز صادق اهڙي تقرير ڪئي جنهن سان پاڪستان ۾ بحث ڇڙي ويو، سپهه سالار جي خلاف ڪوڙيون ڳالهيون ڪري ملڪ کي نقصان رسايو ويو، اياز صادق کي ڪا به ندامت ناهي، هو نه معافي ٿو چاهي ۽ نه ئي هن ترديد ڪئي، ادارن ۾ ٽڪراءَ جي ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته مخالف ڌر پنهنجي ضرورت جي وقت سياسي نظريو بڻائيندي آهي جنهن جو ملڪي ترقي سان ڪو به تعلق ناهي، پي ڊي ايم جو نظريو ايف اي ٽي ايف کان وٺي سياسي ۽ ملڪي مفاد جي خلاف آهي، چونڊيل حڪومت کي پاڙان پٽڻ لاءِ هن ملڪ کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي، ملڪ جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ جي بلڪل اجازت نه ڏينداسين، اسان جي حڪومت سياسي غنڊه گردي نه ٿيڻ ڏيندي، ملڪي سالميت جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ تي عوام کين سزا ڏيندو، ن ليگ کي مشورو آهي ته مسلم ليگ پاڪستان ٺاهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.