صدر ۽ وزيراعظم پاران قوم کي عيد ميلادالنبي صه جي مبارڪباد

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان قوم کي عيد ميلادالنبي صه جي مبارڪباد ڏيندي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سرور ڪائنات جي حيثيت بي مثال چنڊ جيان آهي. پاڻ سڳورن صه جي بي مثال تعليم انسانن لاءِ روشن راهه آهي.

هنن چيو ته اسان ان سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي هاڻ منزل وڌيڪ پري ناهي. وزيراعظم عمران خان آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صه جي يوم ولادت تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڻ سڳورن صه جي زندگي انسانيت جي رهنمائي آهي.

پاڻ سڳورن صه بي مثال فلاحي رياست قائم ڪري ڏيکاري عدل، انصاف، مذهبي ۽ سماجي آزادي جو عملي نمونو رياست مدينه هو. يورپ  رياست مدينه مان رهنمائي وٺي انساني فلاحي وارا ڪم ڪيا. عمران خان چيو ته ڪوشش آهي ته رياست مدينه جي تصور سان مڪمل رهنمائي حاصل ڪريون، ملڪ کي فلاحي رياست بنائڻ جي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.

ان حوالي سان مختلف شعبن ۾ معاشي ۽ معاشرتي اصلاحاتي ايجنڊا تي عمل جاري آهي ۽ هي هڪ ڊگهو ۽ صبر طلب جوڳو رستو آهي. پر اسان   هڪ قوم جيان هن سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. منزل گهڻو پري ناهي تمام جلد ان جا بهتر نتيجا ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.