قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نائب ڪپتان زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ميچ کان ٻاهر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب خان زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ميچ کان ٻاهر ٿي ويو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميڊيڪل ٽيم تصديق ڪئي آهي ته زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ دوران شاداب خان جون خدمتون حاصل نه هونديون.

نوجوان آل رائونڊر 23 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل پهرين انٽرا اسڪواڊ پريڪٽس ميچ کانپوءِ پنهنجي ساڄي ڄنگهه ۾ ڇِڪ محسوس ڪرڻ جي دانهن ڪئي هئي.

بورڊ موجب شاداب خان جو بحالي لاءِ عمل جاري رهندو ۽ ٻي ون ڊي ميچ ۾ شرڪت جو فيصلو سندس صحت کي ڏسي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 30 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.