گهوڙا ٻاري لڳ اسڪول جي عمارت زبون، تدريسي عمل متاثر

گھوڙاٻاري  (ن ع آ ) گھوڙاٻاري يو سي جاڙادالي جي ڳوٺ وڏيرو محمد حنيف جاڙو، پرائيمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار لاڪ ڊائون کان پوء اسڪول به کلي ويا پرماستر پاران مسلسل غيرحاضر ھئيڻ  ڪري سوين معصوم ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن سوين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي مقامي رھواسين جو گوسڙو ماستر عزيز خشڪ ۽ ايجوڪيشن  بلڊنگ  کاتي جي عملدارن خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي ڳوٺ وڏيرو محمد حنيف جاڙو  جي ڳوٺاڻن مھتاب جاڙو  غلام ارشد جاڙو  امتيازجاڙو دلبر جاڙو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته جلد اسڪول جي زبون بلڊنگ جي تعمير ڪرائي گوسڙو  ماستر کي پابند ڪري ٻارڙن جي تعليم ۾ پيش ايندڙ رنڊڪون ختم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائيرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.