ٻيٽن تي وفاق جي والار ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

سنڌي جي ٻيٽن تي وفاق جي والار ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف  مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ، حيدر آباد ۾  سنڌ هاري ڪميٽي طرفان حيدر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي ۽ ڪامريڊ ثمرجتوئي چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو،ڄامشورو ۾ سماجي تنظيم شلوا جي پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي شاھ لطيف ويلفيئر ايسوسيئشن ( شلوا ) جي چئيرمين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي , شهري ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ربنواز ابڙو , ڪوهستان عوامي اتحاد جي چيئرمين محمد بخش مري , ڄامشورو جدوجهد ڪميٽي اڳواڻ ڪامريڊ سليمان ۽ ٻِين چيو ته سنڌ جا بندرگاھ ۽ ٻيٽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ملڪيت آھن جن تي وفاق زبردستي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ،نئون ديرو ۾  پ پ شهيد ڀٽو پاران هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي پارٽي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي پ پ ش ڀ جي ضلعي صدر زبير جتوئي، سٽي نئون ديرو جي صدر سليم چنه، غلام رسول عمراڻي، ۽ ٻين ڪئي . اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌين جي ملڪيت آهن جن تي قبضو ڪندڙن جي رستا روڪ ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.