سجاول لڳ استاد جي اسڪول ۾ نه اچڻ خلاف احتجاج

سجاول ( ڊ ر ) ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ جمن جت ۾ قائم پرائمري اسڪول تي مقرر استاد پاران مسلسل ڊيوٽي نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ اسڪول ۾ داخل معصوم شاگردن اسڪول آڏو حاجي جت، احمد جت،ياسين جت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي، انهي موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ ۾ قائم پرائمري اسڪول تي مقرر استاد پاران مسلسل غير حاضر رهڻ سبب اسڪول ۾ داخل شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي هنن چيو ته اسان ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول تي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ نوجوان کي مقرر ڪيو آهي، هنن چيو ته سرڪاري طور اسڪول تي مقرر ٿيل مذڪوره استاد جي غير حاضري بابت تعليم کاتي جي عملدارن کي بار بار آگاه ڪيو آهي ليڪن ڪو به نوٽيس نٿو ورتو وڃي، هنن تعليم جي صوبائي وزير سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پرائمري اسڪول جمن جت تي مقرر استاد کي ڊيوٽي جو پابند بڻائي شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.