ڊاڪٽر ماها شاهه جي قبر ڪشائي، جزا ورتا ويا

ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) گرھوڙ شريف ۾ ڊاڪٽر ماھا علي شاھ جي قبر ڪشائي لاءِ جوڊيشنل مجسٽريٽ  علي حسن مري جي نگراني ۾ لمس جي ميڊيڪل بورڊ جي چيرمين ڊاڪٽر محمد علي قريشي، وقار شيخ، ڊاڪٽر وحيد ناھيون، عبدالعزيز شيخ، ليڊي ڊاڪٽر ريحانه چوھاڻ، ڊاڪٽر رجني سميت گذري ٿاڻي جي سب انسپڪٽر شراڪت علي ۽ ڊي ايس پي سنڌڙي جي نگراني ۾ قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا. ذريعن موجب قبرڪشائي لاءِ پهتل ٽيم قبر ڪشائي جزا وٺڻ لاءِ قبر واري جاءِ تي لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن دوران 12 سمپل ورتا ويا آھن جيڪي لاهور۽ ڪراچي جي ليبارٽرين ڏانهن موڪليا ويندا واضع رهي ته ميرپورخاص ضلع جي مشهور درگاه گرهوڙ شريف جي گادي نشين آصف شاه جي ڌي ڊاڪٽر ماها شاه جي لاش لڳ ڀڳ هڪ ڏيڍ مهينون اڳ سندس ڪراچي واري گھر جي باٿ روم مان هٿ آيو هو.درگاهه گرهوڙ شريف جي گادي نشين آصف شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت جي حڪم بعد پوليس پاران قبرڪشائي ڪري موت جا اصل سبب معلوم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل جانچ مان مطمئن آهيان يقين آهي ته جزن جي رپورٽ اچڻ بعد اسان کي انصاف ملندو ۽ قاتل سزا کان نه بچي سگھندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.