ڄامشوري لڳ سڙي فوت ٿيل ناري جي قتل جو شڪ، ٻه گرفتار

ڪوٽڙي (ت ر  ) ڄامشوري لڳ سڙي فوت ٿيل 28 ورهين جي نوجوان  ناري شهزادي عرف پوپري شورو  جي پوسٽ مارٽم کان  پوءِ  ڊاڪٽرن سندس قتل جو شڪ ڏيکاري ڇڏيو آهي، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي جي ايم ايس ڊاڪٽر حفيظ آرائين  موجب شروعاتي رپورٽ ۾ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي ناري کي قتل ڪري لاش ساڙڻ جو شڪ ڏيکاريو آهي. البتا وڌيڪ تفصيل حتمي رپورٽ ۾ جاري ڪيا ويندا. ڊاڪٽرن جي اهڙي رپورٽ کان پوءِ ڄامشورو پوليس  قتل جي شڪ ۾ ناري جي مڙس ۽ مامي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن ڄامشوري ويجهو ڳوٺ احمد خان شورو ۾ 28 ورهين جي نوجوان ناري شھزادي عرف پوپري شورو  پرسرار نموني سڙي فوت ٿي هئي. ناري جي ڀائرن گل محمد ۽ ڌڻي بخش پاران سندس سھري ۽ مڙس تي کيس ساڙڻ جو الزام لڳايو ويو هئو. ڊاڪٽرن جي ابتدائي رپورٽ کان پوءِ ڄامشورو پوليس مبينا طور ساڙي ماريل ناري جي قتل جي شڪ ۾ سندس مڙس غلام شبير ۽ سندس سهري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي ڄامشورو انور کيتران موجب موجب  شروعاتي اطلاعن ۽ مليل معلومات موجب معاملو شڪي لڳي رهيو آهي تنهن ڪري ناري جي مڙس کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو آهي . البتا پوسٽ مارٽم جي فائنل رپورٽ ۽ فريادين پاران داخل ايف آءِ آر کان پوءِ وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي ۽ قتل ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ قاتلن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.