مولانا عادل جي قتل خلاف سڀاڻي هڙتال جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) علماءَ ڪاميٽي حيدرآباد جي اڳواڻن مولانا ڊاڪٽر سيف الرحمان آرائين ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 3 ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ عالم دين مولانا عادل خان کي شهيد ڪيو ويو، پر هن وقت تائين قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا. هنن چيو ته اهڙي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن 16 آڪٽوبر تي مولانا عادل خان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال جو اعلان ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.