ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، صدارتي آرڊيننس غيرقانوني آهي: ڪراچي بار

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي بارجي صدر منير اي ملڪ ۽ جنرل سڪريٽري جي ايم ڪورائي سميت ٻين سٽي ڪورٽ ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو آهي ته سنڌ جا ٻيٽ صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهي وفاق ان تي قبضو نٿي ڪري سگهي. وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته آئين جي آرٽيڪل جي شق 172واضح آهي ته صوبي جي ملڪيت تي صوبي جو حق هوندو آهي .هنن جو چوڻ هو ته اسان وٽ هڙتال ۽ ڌرڻي جو آيشن موجود آهي. ٻيٽن تي ماڻهن ۽ مقامي ماڻهو جو روزگار آهي، سندن چوڻ آهي ته مقامي ماڻهن کي نظر اندازڪري سڄي دنيا جي ماڻهن کي آباد ڪيو پيو وڃي .18ترميم کان پوءِ صوبو خودمختيارهوندو آهي. ڪراچي بار جي عهديدارن جبري گم ڪيلن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته آئين ڪنهن ماڻهو کي بنا ڏوهه جي حراست ۾ رکڻ جي اجازت نٿو ڏئي. حيدرآباد جي هڪ نوجوان وڪيل محب لغاري کي گم ڪيو ويو بعد ۾ واپس آيو، مٿس ڪوبه ڪيس داخل نه هو .خيرپورجي وڪيل منظور حسين انصاري جي خلاف رٽائرڊ پوليس آفيسر جي چوڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.