دوڙ : سرڪاري اسپتال جي ايم ايس جي بي حسي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

دوڙ جي  سرڪاري اسپتال انتظاميه جي بي حسي، اسپتال ۾ فوت ٿي ويل پيرسن شخص کي گهر منتقل ڪرڻ لاءِ  وارثن کي ايمبولينس نه ڏني وئي ، وارثن  پاران انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويو ،  ڳوٺ ابراهيم ديناري جو رهواسي پيرسن همت علي ديناري اسپتال ۾ دل بيهي وڃڻ سبب  وفات ڪري ويو.سندس وارثن جو چوڻ هو ته دوڙ اسپتال جي ايم ايس کي لاش گهر کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولنس جي گهر ڪئي جنهن تي ايم ايس ايمبولنس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ انهن مجبور ٿي فوتي جو لاش رڪشا تي گهر کڻائي آيا . انهن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي نا اهل اسپتال انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر امير عباسي ٻڌايو ته همت علي ديناري نالي پيرسن کي اسپتال آندو ويو هو جيڪو دل بيهڻ سبب اڳم ئي فوت ٿي چڪو هو جنهن تي ڊاڪٽرن هنن کي ايمبولنس موجود نه هجڻ  جي ڪري انتظار ڪرڻ جو چيو هو ۽ وارث ڊيڊ باڊي رڪشا تي کڻائي هليا ويا.c

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.