مدئجي ۾ ٻرڙا برادري جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

مدئجي(ن ع آ ) ڳوٺ محمد خان ٻرڙو جي رهواسين محمد پٺاڻ ٻرڙو،محمد عظيم  ٻرڙو پنهنجي معصوم ٻارن سميت  پريس ڪلب پهچي پنهنجي برادري جي بااثرن ۽ پوليس اهلڪارن پاران زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو،احتجاج دوران مظاهرين روئندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته پنهنجي برادري جي بااثرن عبدالحميد,ممتاز, ٻرڙو,امتياز ۽ پوليس اهلڪارن محبوب ٻرڙو ۽ فياض ٻرڙو اسان جي ٽي جريب 12 ويسن تي قبضو ڪيو آهي,جن خلاف شڪارپور جي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ هو جنهن جو فيصلو پڻ اسان جي حق ۾ آيو آهي، پران باوجود به ڄاڻايل جوابدارن زمين تي ڪيل قبضو ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن،علائقي جي چڍن مڙسن وٽ دانهڻ باوجود ڪوبه سندن خلاف تيار ناهي ۽ نه ئي پوليس اسان جي داد رسي ڪري رهي آهي،مظاهرين دانهيندي چيوته قبضو ڪندڙ مٿيان جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن,اسان کي سندن مان جان جو خطرو آهي,اختياريون نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏيارين,..

سامارو جي تعلقه اسپتال سهولتن کان محروم بڻيل

شادي پلي( ن ع آ  ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو مرڪزي اڳواڻ پي ٽي آء جو پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ گذريل ڏيـنھن شادي  پلي پھتو مختلف علائقن جو دورو ڪيو  ـ جـنھن دوران برسات سٽيل ڪيترن ئي خاندانـن ۾ ٽينٽ ـ مڇردانيون ۽ ٻيو سامان تقسيم ڪيون ـ ان موقعي تي حليم عادل شيخ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪـندي چيو ته ڪيترائي خاندان برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن ـ پر پ پ جي سنڌ حڪومت ڪٿي بـ نظر نـ پئي اچي ـ پ پ ڪامورن پـنھنجا ڳوٺ ۽ زمينون بچائڻ خاطر غريبن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي ـ  ڪرپشن سبب ايريگيشن ڊپارٽمنٽ مڪمل طور تباھ ٿي چڪو آھي.  ـ  پ پ ۽ نون ليگ پي ٽي آئي خلاف شروع ڪيل تحريڪ مولانا فضل الرحمان حوالي ڪري ڇڏي آھي ـ ڪجھ ڏينھن اڳ بلاول ڀثو زرداري ھيليڪاپٽر ذريعي عمرڪوٽ ضلعي جو دورو ڪيو ـ پر  اڄ بـ سنڌ جا ماڻھو  صاف پاڻي ـ ٽينٽ ـ راشن ۽ مڇردانين کان بغير زندگي گذارڻ تي مجبور آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.