غوثپور ۾ عورت جو پيءُ ۽ ڀائرن خلاف احتجاج

غوثپور( ن ع آ )  ڳوٺ خير محمد نصيراڻي جي رهواسيڻ  شبانا نصيراڻي پنهنجي پيء ۽ ڀائرن خلاف احتجاجي مظاهرو  ندي چيو آهي ته منهنجو پيءُ خير محمد ۽ منهنجا ڀائر اسد نصيراڻي، برڪت نصيراڻي موکي مڙس کان جدا ڪرڻ چاهيان ٿا ۽ موکي موتمار ڌمڪين ڏين ٿا ۽ منهنجي جان کي پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن خطرو آهي ڪنهن به وقت موکي ۽ منهنجي مڙس کي نقصان پهچائيدا.  ۽ هنن ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

ڀان سيد آباد ۾ زمين تي قبضي جي ڪوشش، احتجاج

ڀان سيدآباد  ( ن ع آ ) ڳوٺ سڀڙ شورو جي رهواسين پاران ڳوٺ سڀڙ شورو ۾ زرعي زمين 150 ايڪڙن تي بااثرن پاران مبينا قبضي  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هڻي جوهي ڀان پوليس خلاف نعريبازي ڪيو ، هنن  چيو ته ڳوٺ سڀڙ شورو ۾ اسان جو 150 ايڪڙ زرعي زمين آهي جنهن تي ڳوٺ جو بااثر شخص يوسف شورو ، نظير شورو ۽ عزيز شورو قبضو ڪرڻ چائين ٿا ، ۽ جوهي ۽ ڀان  پوليس زمين تي قبضو ڪندڙ ۽ حملو ڪندڙ  جوابدار ڌر سان ٻٽ  بڻيل آهي ، زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر جوابدار ڀان شهر ۾ هٿيار بندن حملو ڪري نوجوان اصغر شورو کي سخت زخمي ڪيو هيو ، جيڪو ڀان تاڻي تي اين سي داخل ڪرڻ باوجود ڀان پوليس جوابدارن کي گرفتار لاء تيار نائي ، ميڊيڪل ليٽر ملڻ باوجود پوليس با اثر جي چرچ تي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاء اسان کي حراسان ڪري رهي آهي.  قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ انصاف نه مليو ته وزير اعليٰ هاوس واهڙ اڳيان مرڻ گهڙي تائين احتجاج ڪيو ويندو ،

قمبر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر خلاف واپارين جو احتجاج

قمبر( ڊ ر ) قمبر جي ميونسپل ڪميٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر ايڊمنسٽر منور عباس سومرو خلاف اناج بازار جي دڪاندارن  واپارين اناج بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڀٽو چونڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ايڊمنسٽر خلاف سخت نعريبازي ڪندي پريس ڪلب پهتا جتي اڳواڻن اناج بازار جي صدر يونس سومرو،منظور علي گوپانگ،رياض گل لاکو،مظفر هڪڙو ۽ ٻين چيو ته اي سي قمبر گذريل ڪيترن سالن کان قمبر ۾ آهي جيڪو شهرين واپارين کان ڳري رشوت گهري رهيو آهي نه ڏيڻ تي ناجائزيون ڪندي اسان جا دڪان ڊاهڻ جو نوٽيس ڏنو اٿس جيڪو سراسر ظلم آهي . هنن مطالبو ڪيو ته ايمانداري آفسير مقرر ڪري شهرين سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،،

ٺل ۾ نوناري برادري جو ڪيسن خلاف احتجاج

ٺل (ن ع آ)ٺل ۾ نوناري برادري پاران ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ پوليس جي زيادتين جي خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو،روڊ بلاڪ، سخت نعريبازي،ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو،خبر موجب ٺل ۾ ڪالهه نوناري برادري پاران ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ پوليس جي زيادتين جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين پاران ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي،مظاهرين پاران پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن رئيس منظور احمد نوناري،استاد نذير احمد،علي نوناري ۽ ٻين چيو ته پوليس پاران اسان جي مٿان ڪوڙو مڇي جي ٻج جي چوري جو ڪيس داخل ڪري اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪئي آهي ،اڳوڻي ايم اين اي مير بابل جکراڻي پاران اسان جي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو ختم ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون.

ماٿيلي ۾ ڪميونٽي هال تي قبضي خلاف احتجاج

ميرپور ماٿيلو (ن ع آ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ درويش نائچ ۾ ڪميونٽي شادي حال تي ڳوٺ جي بااثرن جو قبضو ڪري ڏنو آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻا ڪميونٽي  شادي حال پهچي ويا آهن، هوڏانهن ڳوٺ جي بااثرن ماڻڪ رام، باگو جي، نندو جي، رانجهو جيءِ خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن کٽو جي، بخشو جي، ليمون جي، شبير جي، نظير جي، شوا جي، سگنو جي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ جا بااثر ماڻڪ رام، باگو جي،نندو جي، رانجهو جي،ڳوٺ جي ڪميونٽي شادي حال تي قبضو ڪري رهيا آهن، جيڪا هتان جي ماڻهن سان وڏي زيادتي آهي، هنن چيو ته ڪميونٽي شادي حال سڀني جو آهي، بااثرن جو ناهي، هنن چيو ته بااثرن ماڻڪ رام، باگو جيءِ جي خلاف ڪاروائي ڪري ڪميونٽي شادي حال تان قبضو ختم ڪرايو وڃي، ۽ سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.