حيدرآباد ۾ دڪاندار جو پورهيت کي ڪٽڪو، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي سبزي مارڪيٽ ۾ دڪاندارن جو پورهيت مٿان وحشياڻو تشدد، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال  منتقل، تشدد ڪندڙن خلاف پورهيتن جو سخت احتجاج، ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، ٻڌايو وڃي ٿو ته کٿڙ واسي پورهيت چنيسر پٽ خدابخش ملاح ٽماٽن جي پيتي کڻي وڃي رهيو هو ته هڪ دڪاندار کي ان جو ٿيلهو لڳي ويو، جنهن تان بدر ۽ مظهر نالي دڪاندارن مڇرجي پورهيت کي هٿوڙن سان ڌڪ هڻي کيس سخت تشدد جو نشانو بنايو، جنهن دوران پورهيت جي حالت خراب ٿي وئي ۽ کيس علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. دڪاندانن جي اهڙي وحشياڻي تشدد خلاف سوين پورهيت مڇرجي پيا ۽ هنن سخت احتجاج ڪندي پراڻي سبزي منڊي واري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. پورهيت ٽائرن کي باهيون پڻ ڏنيون. ان دوران پورهيت همايون ۽ ٻين چيو ته ٿوري ڳالهه تي واپارين، پورهيتن کي سخت تشدد جو نشانو بنايو، مٿس ايترو تشدد ڪيو ويو جو هن جي حالت ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. سندن مطالبو هو ته پورهيت تي تشدد ڪندڙ دڪاندار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.