ڪوٽ ميرمحمد لڳ باغ مان سولر پليٽون چوري

ڪوٽ مير محمد ( ن ع آ ) ڪوٽ مير محمد لڳ سنڌ ڪانٽي ڀرسان ڪيلن جي باغ ۾ لڳل عبدالستار عباسي جو نوي هزار ماليت جو سولر موٽر چوري، سولر موٽر مالڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حد جي ٿاڻي فيض محمد ٻنڊو تي اين سي پڻ داخل ڪرائي آھي پر ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، منهنجي ايس ايس پي خيرپور کي اپيل آھي ته منهنجو چوري ٿيل سولر موٽر واپس ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.

ٺل پوليس جي روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٺل(رپورٽر)ٺل ۾ پوليس جي ڪاروائي،روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ،خبر موجب ٺل ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گشت جي دوران  ڪاروائي ڪندي روپوش جوابدار لياقت علي پهوڙ کي گرفتار ڪري ورتو،پوليس پاران مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،پوليس موجب جوابدار لياقت علي پهوڙ روپوش جوابدار هو،کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

مٽياري پوليس جي ڪارروائي، ڦر ٿيل تيل سان ڀريل ٽرالر هٿ، 3 جوابدار لاڪ اپ

مٽياري (ت ر)مٽياري پوليس جي ڪامياب ڪارروائي ڪري ٻه ڏينهن پهرين سيکاٽ ۽ کيبر لڳ قومي شاهراهه تان تيل سان ڀريل ٽرالر ڦر ڪيو ويو ھو جنھن کانپوءِ  ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو جي سخت حڪمن تي سيکاٽ ۽ کيبراڻي پوليس ٽرالر قاضي احمد مان ھٿ ڪري ورتو ۽ ٽرالر جو تيل ڳوٺ نوان آباد ضلعو سانگهڙ مان ھڪ پيٽرول پمپ تان ھٿ ڪيو ويو آهي، جڏھن ته سيکاٽ ۽ کيبراڻي پوليس ٽي جوابدار گرفتار به ڪيا آهن پيٽرول پمپ جي مينيجر سميت   جوابدارن طرفان ٽرالر چوري ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو ويو آهي جن جي خلاف. کيبراڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

گهوٽڪي واسي پورهيت موذي مرض ۾ ورتل مسيحا جو منتظر

گهوٽڪي (ڊ ر) گھوٽڪي شھر سان تعلق رکندڙ دوڪاندار حاجي قربان ڪوري ڪجھ وقت  پھريان پير ۾ تڪليف ٿيڻ بعد موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ھيو جنھن بعد علاج ڪرائڻ واسطي ھن پنھنجو دوڪان پلاٽ سڀ ڪجھ وڪڻي علاج ڪرايو پر فائدو ڪون ملي سگھيو آھي جنھن  سبب ھن وقت ھن جا معصوم ٻارڙا فاقا ڪشي تي مجبور ٿي ويا آھن ھن ساڃاهھ وندن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته سندن علاج لاءِ مالي مدد ڪئي وڃي.

سلطان ڪوٽ ۾14 گهر ڀاتي اکين جي نورکان محروم

سلطان ڪوٽ (ن ع آ ) سلطان ڪوٽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪکانون گهرن ۾ زندگي بسر  ڪندڙ هڪ ئي خاندان جي 14 نابينن کان وڌيڪ شايد ڪوئي ڄاڻيندو هجي جيڪي اکين جي نورکان محروم هئڻ ڪري مشڪلاتن سان زندگي گذاري رهيا آهن 35 ورهين جو ممتاز علي سومروگذريل 27 سالن کان اکين جي نور کان محروم بڻيل آهي جنهن سبب سندس جي زندگي مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي آهي نابين ممتاز علي سومرو جا 2 ٻارن11 ورهين جو ذاڪر حسين ۽ 8 ورهين جي ذڪيا اکين جي نظر انتهائي ڪمزور هئڻ ڪري تعليم جهڙي ذيورکان به رهجي ويا آهن.  سالن کان اکين جهڙي نورکان محرم ٿيل متاثرن غلام شبير،زبيده زال صاحب، اسد پٽ حاڪم،مسڪين پٽ حاڪم،آسيه ڌيءَ حاڪم،گل بانو ڌيءَ ميهر علي،افروزڌيءَ ميهر علي،جنيد پٽ محمد رمضان،زاهد پٽ محمد رمضان،نويده ڌيءَ محمد رمضان ۽ سلما زال سڄڻ سومرو تڪ جي چونڊيل نمائندن مير عابد خان ڀيو،امتيازاحمد شيخ وس وارن آغا تعمورخان پٺاڻ کان واهرجي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان جي گهر جو سفر گذر تمام گهڻو ڏکيائي سان ٿي رهيو آهي پاڙي مان ماني (ٽڪيون) وٺي کائڻ تي مجبور آهيون سرڪاري اسپتالن مان ڪرائي ٿڪجي چڪا آهيون، هن وقت اسان جا مالي حالات تمام گهڻا خراب آهن، واهر وارا مدد ڪن

سينيئر صحافي هريش ڪمار بيماري سبب پورهئي کان لاچار

ٽنڊوآدم (ت ر)ٽنڊي ڄام تعلقي جي راهوڪي جي رهواسي سينيئر صحافي هريش ڪمار  سامي شگر ، هيپاٽائيٽس ۽ گردن جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ پورهئي ڪرڻ کان لاچار ٿي گداگري ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. هو پني پنهنجي پيٽ پالي ٿو پريس ڪلب ٽنڊي آدم پهچي صحافين کي ٻڌايو ته زندگي جا 20 سال صحافت کي ڏنا مختلف اخبارن ۽ چئنلن ۾ سينيئر سب ايڊيٽر، رائيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون هاڻي شگر، هيپاٽائيٽس ۽ گردن جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري ڪم جهڙوناهي رهيو ته پنهنجن به سار ناهي لڌي پني گذارو ڪريان ٿو. روزاني 8 سئو کان 9 سئو رپيا ملن ٿا ته ٻچن جون ضرورتون پوريون ڪيان ٿو  ٽن مهينن کان پئسا نه هجڻ ڪري انسولين به ناهي لڳرائي ٻارڙن جي پڙهائي به ختم ڪرائي ڇڏي آهي گهر واري به بيمار آهي زندگي جو گاڏو ڇڪڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، هن اطلاعات کاتي ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته انسانيت جي ناتي منهنجي مالڪي ڪئي وڃي ۽ صحافتي تنظيمون به ڌيان ڏين لاچار ۽ بيمار آهيان صحافين جي پر گهور لهن مون سميت هڙني ضرورت مند صحافين جي لاءِ مدد ڪئي وڃي .

مدئجي جي اسپتال ۾ ڪتا  گهمڻ واري خبر جو نوٽيس

مدئجي(ن ع آ )تعلقي اسپتال مدئجي ۾ رولو ڪتن  جي گهمڻ واري نيوز جو سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ نوٽيس وٺي ڇڏيو،ان سلسلي ۾ سيشن جج ڊي ايڇ او شڪارپور ۽ تعلقي اسپتال جي ميڊيڪل سپريڊنٽ کي سومر جي ڏينهن صبح جو پيش ٿي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او شڪارپور ڊاڪٽر شبير احمد شيخ جو چوڻ هو ته سيشن جج پاران تعلقي اسپتال ۾ ڪتي جي گهمڻ واري خبر جونوٽيس وٺندي سومر ڏينهن مونکي ۽ تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالله چنه کي طلب ڪري جواب ڏيڻ جو حڪم مليو آهي،جنهن بابت تعلقي اسپتال جي ايم ايس کي رڪارڊ سميت گهرايو آهي،ياد رهي ته ٻه ڌينهن اڳ تعلقي اسپتال اندر رولو ڪتا گهمي رهيا هئا جڏهن ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر توڙي عملو نه پهتو هو ۽ رولو ڪتن سبب علاج لاءِ آيل مريض خوف وچان ڀڄي ويا هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.