ڊجيٽل لٽريسي کي مضمون طور قومي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عوام کي انٽرنيٽ تائين پهچ آسان بڻائڻ سان گڏ ڊجيٽل لٽريسي کي قومي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو به فيصلو ڪري ورتو.

وزيراعظم عمران خان سان فيس بڪ جي سي او او مس شيرل سين برگ جي ملاقات ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.

ذريعن موجب حڪومت نوجوان نسل تائين انٽرنيٽ جي آساني سان پهچ يقيني بڻائڻ جو پلان ترتيب ڏئي ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ”ڊجيٽل پاڪستان“ بڻائڻ لاءِ انٽرنيٽ بابت تعليم عام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت ڊجيٽل لٽريسي کي مضمون طور تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب ايندڙ سال جي منڍ ۾ ڊجيٽل لٽريسي پاڪستان جي تعليمي نصاب جو حصو هوندي، تعليم بابت وفاقي وزارت ۽ صوبائي وزارتون گڏيل مشاورت سان وڌيڪ معاملا طئي ڪنديون، جڏهن ته قومي نصاب ونگ کي به اهم هدف سونپيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته موبائل واهپيدارن کي انٽرنيٽ، فيس بُڪ جهڙين ايپس جي استعمال جي تربيت ڏني ويندي، گهٽ پڙهيل لکيل ماڻهن لاءِ مقامي ٻولي ۾ ايپ متعارف ڪرائي ويندي.

ذريعن موجب فيڪ نيوز جي نشاندهي لاءِ به ڊجيٽل لٽريسي جي تربيت پروگرام جو حصو هوندي ۽ فيس بُڪ ڊجيٽل لٽريسي ۾ پاڪستان کي ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪندو.

ذريعن چيو آهي ته وزيراعظم فيس بُڪ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ان سان نئين نسل کي روزگار جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.