”بلديا فيڪٽري سانحي ۾ معمول موجب منصوبو ٺاهيندڙ ۽ حڪم ڏيندڙ بچي ويا“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي فيصلي تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته باهه لڳڻ واقعو نه پر دهشتگردي جي ڪارروائي هئي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي علي زيدي جو چوڻ هو ته بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس تي اڄوڪي عدالتي فيصلي سان وارثن جو ڪجهه ڏک گهٽ ٿيو هوندو جن 8 سالن تائين انصاف جو انتظار ڪيو.

علي زيدي جو چوڻ آهي ته فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ پوليس جي گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جي رپورٽن ۾ گڙٻڙ ڪئي وئي، ان فيصلي سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان فيصلي جو سڀ کان افسوس جوڳو رخ اِهو آهي ته معمول موجب سهولتڪار، منصوبو ٺاهيندڙ ۽ حڪم ڏيندڙ بچي ويا جڏهن ته هيٺيان ماڻهو جن هنن جي حڪم اِهو سڀ ڪيو انهن کي سزا ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.