حڪومت ڪارا قانون ٺاهي رهي آهي: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ايف اي ٽي ايف جي اوٽ ۾ ڪارا قانون ٺاهي رهي آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  حڪومتي ميمبر تڪڙ ۽ نااهلي کان ڪم وٺي  رهيا آهن، اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ ۾ اسان جون ترميمون رد ڪيون ويون، هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي  180 ڏينهن لاءِ گرفتار ڪري رکيو وڃي ٿو، ان قانون مان نيب کي ڪڍي ڇڏيو، جڏهن ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اسپيڪر کي مخاطب ڪندي هن چيو ته توهان جهڙي طرح ايوان هلائي رهيا آهيو، ان سان ايوان جي عزت ئي ٿي رهي آهي، ترميم کان پهرين بحث ڪرڻ ضروري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.