ايف اي ٽي ايف بابت هڪ ٻيو بل سينيٽ مان رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ دهشتگردي روڪ (ترميمي) بل 2020 هڪ ئي ڏينهن کانپوءِ سينيٽ مان رد ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اهو فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) بابت سينيٽ مان رد ٿيندڙ ٽيون بل بڻجي ويو آهي.

واضح رهي ته وڏي ايوان ۾ اپوزيشن کي عددي اڪثريت حاصل آهي، اهو ئي سبب آهي ته سينيٽ جي اڄوڪي اجلاس ۾ 31 ميمبرن بل جي منظوري جي حق ۾، جڏهن ته 34 ميمبرن ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.

رد ٿيندڙ دهشتگردي روڪ (ترميمي) بل 2020 موجب جاچ آفيسر عدالت جي اجازت سان 60 ڏينهن لاءِ دهشتگردي لاءِ مالي مدد جو پتو لڳائڻ خاطر ڳجهي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجيز ذريعي رابطن ۽ ڪمپيوٽر سسٽم جي نگراني ڪري سگهجي ٿي.

ان کانسواءِ جاچ ۾ واڌ لاءِ عدالت ۾ تحريري درخواست به جمع ڪرائي سگهجي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ عدالت ان اجازت کي وڌيڪ 60 ڏينهن جي واڌ ڏئي سگهي ٿي.

بل ۾ چيو ويو هو ته اهو قانون ڪنهن ٻئي قانون سان ٽڪراءُ نه کائيندو، وفاقي حڪومت طريقي ڪار کي مضبوط بڻائيندي ۽ حڪم لاڳو ڪرڻ لاءِ قاعدا واضح ڪندي.

بل موجب دهشتگردي لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ ملڪ جي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ ۽ بي عزتي جو سبب آهي، دهشتگردي لاءِ مالي مدد انهن عنصرن کي فائدو پهچائي ٿي، جيڪو نه رڳو ملڪ پر ان جي اتحادين جي اندرين ۽ ٻاهرين امن لاءِ خطرو آهن.

بل ۾ وڌيڪ چيو ويو هو ته بل پيش ڪرڻ جو بنيادي مقصد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪجهه احتياطي اپاءَ وٺي ۽ عدالتن جي بااختيار مدد سان انهن لعنتن جو خاتمو ڪري قابل بڻائڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.